ايس اي سي پي جي سالياني ريٽرن جمع نه ڪرائيندڙ سرڪاري ڪمپنين خلاف ڪاروائي، 31 لک رپيا ڏنڊ لاڳو

اسلام آباد- 06 جون (اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان( ايس اي سي پي) 36 سرڪاري ملڪيتي ادارن(ايس او ايز) خلاف شوڪاز ڪارروايون مڪمل ڪندي گڏيل طور تي 31 لک 75 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. ايس اي سي پي موجب هلندڙ سال مارچ ۾ 42 سرڪاري ملڪيتي ڪمپنين کي 66 شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا. ڪمپنين پاران مقرر مدي اندر سالياني آڊٽ شده مالياتي گوشوارا ۽ …

اسلام آباد- 06 جون (اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان( ايس اي سي پي) 36 سرڪاري ملڪيتي ادارن(ايس او ايز) خلاف شوڪاز ڪارروايون مڪمل ڪندي گڏيل طور تي 31 لک 75 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. ايس اي سي پي موجب هلندڙ سال مارچ ۾ 42 سرڪاري ملڪيتي ڪمپنين کي 66 شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا. ڪمپنين پاران مقرر مدي اندر سالياني آڊٽ شده مالياتي گوشوارا ۽ سالياني ريٽرنز جمع نه ڪرائڻ، معلومات جي فراهمي تقاضن تي عمل نه ڪرڻ ۽ ڪارپوريٽ گورننس ريگوليشنز جي ٻين خلاف ورزين تي جاري ڪيا ويا آهن. هن وقت تائين 58 شوڪاز نوٽس تي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي جڏهن ته پنجن ڪمپنين کي جاري شوڪاز نوٽيس تي پروسيڊنگ جاري آهي. سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ شفافيت ، اڪائونٽبلٽي ۽ گورننس جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت جي سڌارن وارن ڪوششن تحت ايس اي سي پي سرڪاري ملڪيتن ۾ ڪمپنيز ايڪٽ ۽ ڪارپوريٽ گورننس جي گهرجن تي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، جڏهن ته ايس اي سي پي شوڪاز پروسيڊنگ جي سمورين قانوني گهرجن کي مڪمل ڪندي لاڳاپيل ادارن کي نوٽيس جو جواب ڏيڻ ۽ ٻڌڻي دوران پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ مناسب وقت ڏنو آهي. ايس اي سي پي سرڪاري ملڪيتي ڪمپنين کي سالياني ريٽرنز ۽ ٻين قانوني دستاويزن کي جمع ڪرائڻ ۾ رهنمائي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ سهولت ڊيسڪ پڻ قائم ڪئي آهي. سمورين سرڪاري ملڪيتي ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي ڪارپوريٽ گورننس جي ڪمپلائنس کي وڌيڪ اثرائتي طريقي ۽ قانوني گهرجن موجب وقت تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائن.