ايڪشن ڪميٽي طرفان پاڪستان مان چونڊيل آزاد ڪشمير اسيمبلي جي 12 سيٽن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو، چونڊ عمل کي نقصان پهچائڻ برابر آهي: خواجه محمد آضف

اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته 27 جولاءِ تي آزاد ڪشمير جي چونڊون ٿينديون، ايڪشن ڪميٽي طرفان پاڪستان مان چونڊيل آزاد ڪشمير اسيمبلي جي 12 سيٽن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو چونڊ عمل کي نقصان پهچائڻ برابر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته جمهوري سوچ جي گهر آهي ته جيڪي ماڻهو اهو مطالبو ڪري رهيا آهن …

اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته 27 جولاءِ تي آزاد ڪشمير جي چونڊون ٿينديون، ايڪشن ڪميٽي طرفان پاڪستان مان چونڊيل آزاد ڪشمير اسيمبلي جي 12 سيٽن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو چونڊ عمل کي نقصان پهچائڻ برابر آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته جمهوري سوچ جي گهر آهي ته جيڪي ماڻهو اهو مطالبو ڪري رهيا آهن اهي 17 جولاءِ تي عوام آڏو رکن ۽ خلق خدا کي اهو فيصلو ڪرڻ ڏين ۽ نمائندگي جي شڪل جوڙڻ ڏين. هي جمهوري سوچ هوندي نه ته وري بليڪ ميلنگ تصور ٿيندي. هن چيو ته سيالڪوٽ شهر ۽ تعلقي مان ڪشمير اسيمبلي جي هڪ سيٽ آهي ۽ پاڪستان قومي اسيمبلي جون ٻه سيٽون آهن جڏهن ته باقي پاڪستان ۾ ڪشمير اسيمبلي جا تڪ پکڙيل آهن. هتي ڪشمير پناهگيرن جو انگ وڌيڪ ڄمون مان آهي، آڪٽوبر 1947ع ۾ پناهگير 2 لک کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏئي سيالڪوٽ شهر ۽ تعلقي ۾ اچي آباد ٿيا، لکين عزتون لٽيون ويون، هزارين نياڻيون اغوا ٿيون، اوهان ڪهڙي طرح انهن پناهگيرن کي سندن حق کان محروم ڪري سگهو ٿا. خواجه محمد آصف چيو ته ڪيترائي ڏهاڪا انهن پناهگيرن انتهائي غربت واري حالت ۾ گذاري، زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم رهيا انهن ماڻهن آزادي جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، هن چيو ته پنهنجي راءِ کي تسليم ڪرائڻ لاءِ جمهوري رستو اختيار ڪريو.