وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي روضه رسول صلي الله عليه وسلم تي حاضري ، رياض الجنه ۾ نفل  جي ادائگي،ملڪي سلامتي لاءِ خاص دعا

مدينوشريف-05 جون(اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذهب هم آهنگي جي وفاقي وزير  سردار محمد يوسف مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم ۾ روضه رسول صلي الله عليه وسلم  تي حاضري ڀري ۽ بارگاه رسالت حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي بارگاهه ۾ نهايت عقيدي ۽ احترام سان درود ۽ سلام پيش ڪيو. مديني منوره ۾ وفاقي وزير سردار محمد يوسف پهرين فرصت ۾ روضه رسول …

مدينوشريف-05 جون(اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذهب هم آهنگي جي وفاقي وزير  سردار محمد يوسف مسجد نبوي صلي الله عليه وسلم ۾ روضه رسول صلي الله عليه وسلم  تي حاضري ڀري ۽ بارگاه رسالت حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي بارگاهه ۾ نهايت عقيدي ۽ احترام سان درود ۽ سلام پيش ڪيو. مديني منوره ۾ وفاقي وزير سردار محمد يوسف پهرين فرصت ۾ روضه رسول صلي الله عليه وسلم تي حاضري ڀري جتي هن مسجد نبوي جي مقدس ترين حصي رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا. ان موقعي تي وفاقي وزير مسلمان امت جي يڪجهتي، پاڪستان جي ترقي، ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا ڪئي،جڏهن ته هن حاجين لاءِ آساني ۽ حج آپريشن جي ڪاميابي تي الله تعاليٰ جو خاص شڪريو ادا ڪيو.

مزید خبریں