اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان سعودي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين پرنس منصور بن محمد السعود جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ موٽر ويز جي تعمير ۽ ٻين منصوبن ۾ سعودي بزنس ڪائونسل کي سيڙپڪاري جي آڇ …
مواصلات واري وفاقي وزير پاران سعودي عرب جي وفد کي ايم 6، ايم 10 ۽ ايم 13 موٽر ويز ۾ سيڙپڪاري جي خصوصي آڇ

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان سعودي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين پرنس منصور بن محمد السعود جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ موٽر ويز جي تعمير ۽ ٻين منصوبن ۾ سعودي بزنس ڪائونسل کي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. پرنس منصور بن محمد السعود چيو ته سعودي پاڪستان بزنس ڪائونسل مواصلات جي شعبي ۾ حصيداري ڪري سگهي ٿي. وفاقي وزير سعودي وفد کي ايم 6، ايم 10 ۽ ايم 13 موٽر ويز ۾ سيڙپڪاري جي خصوصي آڇ ڪئي، هن چيو ته ڪراچي پورٽ ايم 10، سکر حيدرآباد ايم 6، ۽ کاريان راولپنڊي ايم 13 موٽر ويز سيڙپڪاري لاءِ موازون ترين منصوبا آهن، سعودي بزنس ڪائونسل ايم 10، ايم 6 ۽ ايم 13 موٽرويز جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. اهي منصوبا مواصلات واري شعبي ۾ ڪمرشل نقطه نظر سان وڏي اهميت رکندڙ آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ پائيدار، پختا ۽ آزمايل لاڳاپا آهن، هر پاڪستاني جي سعودي عرب سان مزهبي وابستگي آهي، وفاقي وزير چيو ته سعودي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ قابل عمل ۽ لاڀائيتون آڇون ڪيون آهن. سعودي عرب کان پاڪستان لاءِ هميشه خير سگالي جي جذبي جو اظهار ڪيو ويو. پرنس منصور بن محمد السعود وفاقي وزير کي پنهنجي فورم سان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ نون شاهراهن ۽ موٽر ويز تي تيزي سان ڪم جاري آهي، خطي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ روڊ نيٽ ورڪس کي اهم حيثيت حاصل آهي، هن چيو ته اهم منصوبن ۾ سعودي عرب جي سهڪار کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، وفاقي وزير چيو ته پاڪ سعودي بزنس ڪائونسل جي پليٽ فارم سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.











