اسلام آباد-05 جون (اي پي پي)ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) کي انٽرنيشنل ڪائونسل فار هارمونائيزيشن کان مبصر جو درجو ملي ويو. هي فيصلو برازيل جي شهر ريوڊي جنيرو ۾ ٿيل 2 کان 3 جون تي ICH اسيمبلي اجلاس دوران ڪيو ويو. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڊريپ کي هن سنگ ميل تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ڊريپ کي آءِ سي …
ڊريپ کي آءِ سي ايڇ ۾ مبصر جو درجو ملڻ هڪ تاريخي ڪاميابي آهي: مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جون (اي پي پي)ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) کي انٽرنيشنل ڪائونسل فار هارمونائيزيشن کان مبصر جو درجو ملي ويو. هي فيصلو برازيل جي شهر ريوڊي جنيرو ۾ ٿيل 2 کان 3 جون تي ICH اسيمبلي اجلاس دوران ڪيو ويو. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڊريپ کي هن سنگ ميل تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ڊريپ کي آءِ سي ايڇ ۾ مبصر جو درجو ملڻ هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، آءِ سي ايڇ هڪ عالمي سطح جو فورم آهي، مصطفيٰ ڪمال چيو ته دنيا جا وڏا ريگوليٽري ادارا ۽ صنعت گڏجي دوائن جي معيار، حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ رهنما اصول تيار ڪن ٿا هي پاڪستان جي ريگوليٽري نظام کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي، هي اڳڀرائي پاڪستان جي فارما سيوٽيڪل ريگيوليٽري نظام کي عالمي معيار موجب بڻائڻ طرف وڏو قدم آهي، وفاقي وزير چيو ته ڊريپ جو عالمي سطح تي تسليم ڪرڻ هڪ حوصلائتو قدم آهي، ان اڳڀرائي سان پاڪستان جي ريگوليٽري نظام جي صلاحيت ۽ ڊريپ ڪين شفافيت ۽ ڪارڪردگي بهتر ٿيندي ۽ فارماسيوٽيڪل نظام تي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو.











