اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري عربي سمنڊ ۾ پاڻي هيٺ غير معمولي حدت تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي سامونڊي آبادين، ماهيگيري جي شعبي ۽ سامونڊي انفرا اسٽرڪچر جي تحفظ لاءِ فوري موسمياتي قدمن جو مطالبو ڪيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته قدرت موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ بي …
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جو عربي سمنڊ ۾ پاڻي هيٺ غير معمولي حدت تي ڳڻتي جو اظهار، فوري موسمياتي قدمن جو مطالبو

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري عربي سمنڊ ۾ پاڻي هيٺ غير معمولي حدت تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي سامونڊي آبادين، ماهيگيري جي شعبي ۽ سامونڊي انفرا اسٽرڪچر جي تحفظ لاءِ فوري موسمياتي قدمن جو مطالبو ڪيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته قدرت موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ بي شمار پائيدار حل فراهم ڪري ٿي جيڪي سمنڊن جي گهرائين کان جبلن جي بلندين تائين موجود آهن. هن ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ ماحولياتي مزاحمت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ فوري ۽ موثر قدمن تي زور ڀريو. جنيد انوار چوڌري چيو ته هاڻوڪن هفتن دوران اتر عربي سمنڊ ۾ سمنڊ جي سطح جو گرمي پد خطي جي 30 کان وڌيڪ حصي ۾ معمول کان تمام وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ان موجب سائنسدانن ان صورتحال کي هڪ غير معمولي سامونڊي هيٽ ويو قرار ڏئي رهيا آهن جيڪو پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ موسمياتي خطرن ۾ اضافو ۽ ايندڙ سانوڻي جي رويي ۾ تبديلي جو سبب بڻجي رهي آهي، هن چيو ته گرم سامونڊي پاڻي طوفانن جي جوڙجڪ ۽ شدت ۾ اضافي جو هڪ اهم عنصر آهي جڏهن ته موجوده سامونڊي هيٽ ويو اتر عربي سمنڊ ۾ استوائي طوفانن جي سرگرمي وڌائي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته طوفانن جي انگ ۽ شدت ۾ اضافو بندرگاهن، ماهي گير ٻيڙن ۽ سامونڊي انفرا اسٽرڪچر تي وڌيڪ دٻاءُ وجهندو جنهن کي نظر ۾ رکندي سرڪاري ادارن ۽ صنعتن کي پنهنجي تيارين ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي رڪارڊز 1980ع جي ڏهاڪي کان گرمي پد ۾ مسلسل واڌ جي نشاندهي ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته سانوڻي جي گهم جي اولهه طرف منتقل ٿيڻ جي رجحانن سبب آگسٽ جي وچ کان سيپٽمبر جي وچ تائين ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان وڌي سگهي ٿو. جنيد انوار چوڌري چيو ته وڌندڙ هيٺ ويز، وڌندڙ ڏڪار ۽ تباهه ڪندڙ ٻوڏ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته عالمي موسمياتي نظام تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سڄي دنيا جي آبادين جي ڪمزوي کي نمايان ۽ فوري اجتماعي قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪن ٿا. وفاقي وزير سنڌو دريا جي ڊيلٽا کي درپيش خطرن جو ذڪر ڪندي چيو ته سامونڊي سطح ۾ واڌ، سامونڊي واڍي ۽ کاري پاڻي جي مداخلت زرعي زمينن ۽ مٺي پاڻي جي ذخيرن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي تازي رپورٽس جو حوالو ڏيندي هن چيو ته گرين هائوس گئسن جي خارج ٿيڻ جو رڪارڊ ۽ زمين جي گرمي پد ۾ واڌ سبب سڄي دنيا ۾ سامونڊي هيٺ ويوز جو انگ ۽ شدت وڌي رهيو آهي، ان موجب سمنڊ فضا جي اضافي گرمي پد جو حصو جذب ڪري رهيا آهن، ان جي نتيجي ۾ سامونڊي ماحولياتي نظام ۽ ان تي دارومدار رکندڙ ڪميونٽيز شديد دٻاءُ جو شڪار آهن. جنيد انوار چوڌري موسمياتي موافقت، آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ پائيدار بحري حڪمراني کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي قومي ۽ صوبائي ادارن سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن سامونڊي هيٺ ويوز، طوفانن ۽ شديد برساتن لاءِ شروعاتي اطلاعاتي نظام کي مضبوط بڻائڻ، ماهيگيري برادرين لاءِ مدد ۽ متبادل روزگار جا موقعا وڌائڻ، مينگروز جي بحالي، سامونڊي تحفظ، بندرگاهن ۽ جهاز راني جي شعبي جي تيارين ۾ بهتري ۽ سائنسي تعاون ذريعي سامونڊي نگراني جي نظام کي موثر بڻائڻ کي ترجيحي قدم قرار ڏنو. هن چيو ته سامونڊي معاملن واري وزارت موسمياتي تبديلي، صوبائي حڪومتن، ماهيگير تنظيمن ۽ عالمي حصيدارن سان گڏجي انهن قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي. هن نجي شعبي، پورٽ اٿارٽيز ۽ سول سوسائٽي کان به قومي سطح تي جامع رد عمل جو حصو بڻجڻ جي اپيل ڪئي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان نهايت اهم مرحلي تي بيٺل آهي ۽ وقت جي گهرج آهي ته سائنسي بنيادن تي وقت سر فيصلا ڪيا وڃن.











