موسمياتي تبديلي رڳو هڪ ماحولياتي مسئلو نه آهي پر اهو عوامي صحت، غذائي تحفظ ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پڻ هڪ وڏو چئلينج آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته موسمياتي تبديلي رڳو هڪ ماحولياتي مسئلو نه آهي پر اهو عوامي صحت، غذائي تحفظ ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شهرين ۽ عالمي …

اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته موسمياتي تبديلي رڳو هڪ ماحولياتي مسئلو نه آهي پر اهو عوامي صحت، غذائي تحفظ ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شهرين ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اهي ماحول جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ خطري جي سنگيني کي سمجهن. صدر چيو ته وڌندڙ گرمي پد، شديد موسمي واقعن، پگهڙجندڙ گليشيئرز، پاڻي جي کوٽ، حياتياتي تنوع جو نقصان ۽ ماحولياتي انحطاط هاڻي مستقبل جا نه پر موجوده وقت ۾ ئي سڄي دنيا ۾ انساني زندگين ۽ معيشتن کي متاثر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن سال ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جو مرڪزي موضوع موسمياتي قدم آهي. اهو ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته اڄ جا ڪيل فيصلا ايندڙ نسلن جي زندگي جي معيار جو تعين ڪندا. صدر چيو ته موسمياتي تبديلي رڳو هڪ ماحولياتي مسئلو نه پر اهو عوامي صحت، غذائي تحفظ ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پڻ هڪ وڏو چئلينج آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي جڏهن ته گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته اسان جا آبادگار بدلجندڙ موسمن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان جون بستيون ٻوڏ ۽ شديد گرمي جي زد ۾ اچي رهيون آهن ۽ اسان جي قدرتي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته گلوبل وارمنگ سان گڏوگڏ ايل نينو جهڙا مظاهر انهن خطرن کي وڌيڪ وڌائي سگهن ٿا ۽ ڪمزور طبقن ۽ معيشت تي اضافي بار وجهي سگهن ٿا. هن چيو ته عورتون، ٻار ۽ ٻيا ڪمزور طبقا انهن چئلينجز جو سڀ کان وڌيڪ بار کڻن ٿا، عام شهرين تي ماحولياتي انحطاط جو سڌوسنئون اثر پوي ٿو، ان سان صاف پاڻي جي دستيابي متاثر ٿي سگهي ٿي، زرعي پيداوار گهٽ ٿي سگهي ٿي، روزگار جا موقعا متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ عوامي خدمتن جي ادارن تي وڌيڪ بار پئجي سگهي ٿو. صدر چيو ته شديد موسمي حالتون گهرن، اسڪولن، رستن ۽ صحت جي مرڪزن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون جنهن سان عوام جي روزاني جي زندگي مشڪل ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي عملي قدم ضروري آهن جن ۾ پاڻي جو دانشمنداڻو استعمال، ڪچرو گهٽ ڪرڻ، ٻيلن جو تحفظ، حياتياتي تنوع جي حفاظت ۽ صاف توانائي جي ذريعن کي فروغ ڏيڻ شامل آهي. هن چيو ته ماحولياتي ذميواري جي قدمن کي اسان جي گهرن، اسڪولن، ڪاروباري ادارن ۽ سرڪاري ادارن ۾ عملي طور تي اختيار ڪرڻو پوندو. صدر نوجوانن، سول سوسائٽي، تعليمي ادارن، مذهبي اڳواڻن، ميڊيا ۽ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته اهي آگاهي ڦهلائڻ ۽ عملي حل ڳولڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اسان جي نوجوانن جي توانائي، جدت ۽ عزم هڪ ماحولياتي طور تي ذميوار مستقبل جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ماحولياتي ۽ موسمياتي معاملن تي عالمي تعاون جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ماحولياتي نظام جي بحالي، قابل تجديد توانائي، آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ موسمياتي لحاظ کان مضبوط ترقي جي لاءِ ڪوششن جي حمايت جاري رکنداسين. صدر آصف علي زرداري زور ڏنو ته اچو، اسان ماحول جو تحفظ، قدرتي وسيلن جو ذميواراڻو استعمال ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ محفوظ پاڪستان ٺاهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون.