اسلام آباد-05 جون (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري پنجگور ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آهي. محسن نقوي چيو آهي ته 6 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي …
وفاقي گهرو وزير پاران پنجگور ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جون (اي پي پي)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري پنجگور ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آهي. محسن نقوي چيو آهي ته 6 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون واکاڻ جوڳيون آهن. دهشتگردي خلاف قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











