ريلوي واري وفاقي وزير پاران پنجگور آپريشن ۾ فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پنجگور آپريشن ۾ فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پيشيوراڻي مهارت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ريلوي واري وزير چيو ته وطن جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون پوري قوم …

اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پنجگور آپريشن ۾ فتنه الهندستان جي 6 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پيشيوراڻي مهارت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ريلوي واري وزير چيو ته وطن جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. حنيف عباسي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي بهادر فورسز جو عزم ۽ حوصلو ناقابل شڪست آهي. پاڪستان جي امن، سلامتي ۽ استحڪام خلاف هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.