سيڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن، 6 هندستاني اسپانسرڊ دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد-05 جون (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز 3 ۽ 4 جون 2026ع تي بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ هندستاني پراڪسي، فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع مليو هو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران فورسز دهشتگردي جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 6 هندستاني اسپانسرڊ …

اسلام آباد-05 جون (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز 3 ۽ 4 جون 2026ع تي بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ هندستاني پراڪسي، فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع مليو هو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران فورسز دهشتگردي جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 6 هندستاني اسپانسرڊ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. مارجي ويل هندستاني اسپانسرڊ دهشتگردن وٽان هٿيارن، گولابارود، ديسي ڌماڪيدار مواد ۽ گاڏي پڻ هٿ آئي. عملدارن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ موجود ڪنهن ٻي هندستاني اسپانسرڊ دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي جون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. عملدارن موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردي جي خاتمي جي مهم سڄي ملڪ مان پرڏيهي اسپانسرڊ ۽ سپورٽ ڪندڙ دهشتگردي جي خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري رفتار سان جاري رهندي.