گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي ايراني هم منصب سڪندر مومني سان ملاقات

بشڪيڪ-05 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي گهرو وزيرن ۽ پبلڪ سيڪيورٽي جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ايراني هم منصب سڪندر مومني سان اهم ملاقات ڪئي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ ٿيل هن ملاقات ۾ پاڪ ايران لاڳاپن، داخلي سلامتي جي معاملن ۽ خطي جي تازه ترين صورتحال …

بشڪيڪ-05 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي گهرو وزيرن ۽ پبلڪ سيڪيورٽي جي خصوصي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ايراني هم منصب سڪندر مومني سان اهم ملاقات ڪئي. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ ۾ ٿيل هن ملاقات ۾ پاڪ ايران لاڳاپن، داخلي سلامتي جي معاملن ۽ خطي جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي گهرو وزيرن خطي جي پائيدار امن لاءِ سفارتي ڪوششون تسلسل سان جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.