پاڪستان سعودي عرب سان اقتصادي لاڳاپن کي گڏيل طور تي ڪارائتي اقتصادي حصيداري جي شڪل ڏيڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان اقتصادي لاڳاپن کي گڏيل طور تي ڪارائتي اقتصادي حصيداري جي شڪل ڏيڻ جو خواهشمند آهي، سعودي واپاري وفد جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …

اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان اقتصادي لاڳاپن کي گڏيل طور تي ڪارائتي اقتصادي حصيداري جي شڪل ڏيڻ جو خواهشمند آهي، سعودي واپاري وفد جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي پاڪ گڏيل بزنس ڪائونسل جي چيئرمين شهزاده منصور بن محمد السعود جي قيادت ۾ اعلى اختياراتي سعودي واپاري وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مواصلات وارو وفاقي وزير عليم خان، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ ريلوي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، هارون اختر ۽ ٻيا اعلى آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم سعودي وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي گڏيل طور تي ڪارائتي اقتصادي حصيداري جي شڪل ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ان حوالي سان هن آڪٽوبر 2025ع ۾ شهزاده منصور ۽ سعودي واپاري وفد جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته موجوده دورو ٻنهي ڌرين کي مختلف شعبن ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. هن خادمين حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شهزاده منصور شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ سعودي حڪومت سان گڏوگڏ ڪاروباري برادري جي پاڪستان سان ڪيترن ئي شعبن ۾ بي ٽو بي رابطن کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن بندرگاهن، رستن، هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ، توانائي، بجلي جي ورڇ، آءِ ٽي سيڪٽر وغيره بابت منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ سعودي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اهڙن متنوع شعبن ۾ سعودي سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي ۽ اهو به تجويز ڪيو ته زراعت ۽ غذائي تحفظ هڪ ٻيو ترجيحي شعبو ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ ٻئي ملڪ گڏيل طور تي فائديمند موقعا ڳولي سگهن ٿا. سعودي وفد ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن موجب پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اهم سرڪاري ۽ نجي شعبي جي حصيدارن سان ملاقات ڪندو.

مزید خبریں