پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مائرن جو ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد - 10 مئي (اي پي پي)  پاڪستان سميت  دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مائرن جو عالمي ڏينهن آچر 10 مئي تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد ماءُ جهڙي هستي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ هو جيڪو خلوص، شفقت، پيار ۽ صبر سان ڀرپور رشتو آهي. يوم مادر، ماءُ جي مقدس ترين رشتي جي عظمت ۽ اهميت ۽ مائرن لاءِ احترام ۽ محبت جي جذبن کي …

اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي)  پاڪستان سميت  دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مائرن جو عالمي ڏينهن آچر 10 مئي تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد ماءُ جهڙي هستي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ هو جيڪو خلوص، شفقت، پيار ۽ صبر سان ڀرپور رشتو آهي. يوم مادر، ماءُ جي مقدس ترين رشتي جي عظمت ۽ اهميت ۽ مائرن لاءِ احترام ۽ محبت جي جذبن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. پاڪستان سميت اڪثر ملڪ مائرن جو عالمي ڏينهن مئي جي ٻي آچر تي ملهائيندا آهن پر ڪجهه ملڪن ۾ اهو ڏينهن جنوري، مارچ، نومبر يا آڪٽوبر ۾ ملهايو ويندو آهي. مائرن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري، خانگي ۽ سماجي ادارن جي انتظامن هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون ته جيئن ماءُ جهڙي مقدس رشتي جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهجي.