اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي 10 مئي تي ملهائجندڙ حق جي ويڙهه واري ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن ۽ ان ڏينهن کي پاڪستان جي قومي تاريخ جو هڪ فخر جوڳو ۽ تاريخي موڙ قرار ڏنو آهي. ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان …
حق جي ويڙهه قوم جي عزت ۽ وقار کي بلند ڪيو: اورنگزيب کچي

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي 10 مئي تي ملهائجندڙ حق جي ويڙهه واري ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن ۽ ان ڏينهن کي پاڪستان جي قومي تاريخ جو هڪ فخر جوڳو ۽ تاريخي موڙ قرار ڏنو آهي. ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي گذريل سال حق جي ويڙهه ۾ شاندار فتح سان نوازيو هو ۽ ان عظيم اعزاز تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ جيترا به شڪرانا ادا ڪجن گهٽ آهن. هن چيو ته حق جي ويڙهه اسان جي قومي تاريخ ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿي. هن اتحاد، عزت ۽ وقار لاءِ اسان جي پوري قوم جي گهري خواهش کي پورو ڪيو، ان خواهش کي الله پاڪ ان تاريخي لمحي ذريعي پورو ڪيو. اورنگزيب خان کچي سوڀ جو سهرو وزيراعظم شهباز شريف جي وزنري قيادت ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي جرئتمنداڻي اسٽريٽجڪ سوچ کي ڏيندي چيو ته سندن قيادت ۾ الله تعاليٰ قوم کي اهو فاتحاڻو ڏينهن نصيب ڪيو. هن ان اهم لمحي دوران پاڪ فوج ۽ پاڪستاني عوام جي بي مثال اتحاد کي وڌيڪ اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسان جي قوم ۽ اسان جي فوج ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن ۽ ان يڪجهتي پوري ملڪ جا حوصلا بلند ڪيا آهن. پاڪسان جي مستقبل تي اعتماد جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته حق جي ويڙهه دوران قوم ۽ فوج وچ ۾ قائم ٿيل رشتو برقرار رهندو، پاڪستان کي ايندڙ هر چئلينج ۽ صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي پوري صلاحيت حاصل آهي. هن الله تعاليٰ جي مسلسل رهنمائي تي مڪمل يقين جو اظهار ڪندي ۽ پاڪستان لاءِ هر وقت ان جي برڪتن ۽ ڪاميابين لاءِ دعا سان ڪيو.










