قوم 9 مئي جي واقعن جي عنصرن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي: شيري رحمان

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان 9 مئي جي واقعن کي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو باب قرار ڏيندي چيو آهي، ته 9 مئي جا واقعا ملڪي سلامتي ۽ قومي يڪجهتي تي حملو هئا، قوم اهڙن عنصرن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن ڇنڇر ڏينهن جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ڀٽو جي شهادت تي ڪارڪنن پاڻ کي ساڙيو، …

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان 9 مئي جي واقعن کي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو باب قرار ڏيندي چيو آهي، ته 9 مئي جا واقعا ملڪي سلامتي ۽ قومي يڪجهتي تي حملو هئا، قوم اهڙن عنصرن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هن ڇنڇر ڏينهن جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ڀٽو جي شهادت تي ڪارڪنن پاڻ کي ساڙيو، حملا نه ڪيا، شهيد بي بي جي شهادت تي چئني صوبن ۾ ڪارڪنن احتجاج ڪيو هو. هن چيو ته شهيد بي بي جي شهادت تي باهيون ڏنيون ويون، پر فوجي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا نه ڪيا ويا پر پاڪستان کپي جا نعرا لڳايا ويا. شيري رحمان چيو ته 9 مئي تي فوجي ٺڪاڻن، شهيدن جي يادگارن ۽ قومي ادارن تي حملا اصل ۾ پاڪستان تي حملا هئا. هن چيو ته 9 مئي جا منصوبا ٺاهيندڙن ۽ سهولتن ڪارن کي قانون ۽ آئين موجب صحيح سزا ڏئي مثال قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سياسي انتقام ۾ قومي دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪي عنصر نوجوانن کي رياستي ادارن خلاف اڪسائيندا آهن اهي قوم جا خير خواهه نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته پاڪ فوج اسان جي قومي وقار، سلامتي ۽ استحڪام جي علامت آهي.