مڪه مڪرمه- 09 مئي (اي پي پي) حج 2026ع جي مقدس سفر لاءِ پاڪستان مان حج پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو تيزي سان جاري آهي. هن وقت تائين 207 خاص اڏامن ذريعي مجموعي طور تي 52195 سرڪاري حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن. اهو تعداد مختص ڪيل سرڪاري ڪوٽا جو 44 سيڪڙو ٿئي ٿو. حج پانڌيئڙن جي سهولت ۽ رهنمائي لاءِ پاڪستان حج مشن جا 1090 اهلڪار فيلڊ ۾ …
حج 2026ع سرڪاري ڪوٽا جا 44 سيڪڙو حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي ويا

مزید خبریں
مڪه مڪرمه- 09 مئي (اي پي پي) حج 2026ع جي مقدس سفر لاءِ پاڪستان مان حج پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو تيزي سان جاري آهي. هن وقت تائين 207 خاص اڏامن ذريعي مجموعي طور تي 52195 سرڪاري حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن. اهو تعداد مختص ڪيل سرڪاري ڪوٽا جو 44 سيڪڙو ٿئي ٿو. حج پانڌيئڙن جي سهولت ۽ رهنمائي لاءِ پاڪستان حج مشن جا 1090 اهلڪار فيلڊ ۾ فرض انجام ڏئي رهيا آهن. پاڪستان حج مشن موجب هن وقت تائين 135 اڏامون مديني منوره ۽ 72 اڏامون جده ايئرپورٽ تي لينڊ ڪري چڪيون آهن. سرڪاري اسڪيم سان گڏوگڏ پرائيويٽ حج اسڪيم تحت به هن وقت تائين 12111 حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهچي چڪا آهن. هن وقت مجموعي سرڪاري حج پانڌيئڙن جو 85 سيڪڙو يعني 44370 حج پانڌيئڙا مڪه پاڪ ۾ رهيل آهن، جڏهن ته 15 سيڪڙو يعني 7825 حج پانڌيئڙا مدينه منوره ۾ موجود آهن. حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ مجموعي طور تي 652 مددگار، 255 طبي عملو ۽ 183 خادم ۽ ٽيڪينڪل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي. افرادي قوت جي ورهاست موجب مڪي پاڪ ۾ 791، مدينه شريف ۾ 280 ۽ جده ۾ 19 اهلڪار حج پانڌيئڙن کي خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن، مڪي پاڪ ۾ حج پانڌيئڙن جي حرم پاڪ تائين اچ وڃ کي آسان بڻائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جا مربوط انتظام ڪيا ويا آهن. ان مقصد لاءِ هن وقت تائين 230 بسون فعال ٿي چڪيون آهن ته جيئن حاجي سڳورن کي سفري سهولتون بنا رڪاوٽ ميسر ٿي سگهن.










