بلاول ڀٽو جيالا فورس پاڪستان جو پاڪستان پيپيلز پارٽي سان ڪو به تعلق نه آهي: پيپلز پارٽي جي وضاحت

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي وضاحت ڪئي آهي ته بلاول ڀٽو جيالا فورس پاڪستان جو پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڪو به تعلق نه آهي. بلاول ڀٽو جيالا فورس پاڪستان پيپلز پارٽي مان منظور ٿيل نه آهي ۽ نه ئي ان سان اسان جو ڪو واسطو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪرٽريٽ جي ترجمان جي جاري ڪيل بيان موجب رانا شبير حسين ٽڪه ۽ ملڪ …

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي وضاحت ڪئي آهي ته بلاول ڀٽو جيالا فورس پاڪستان جو پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڪو به تعلق نه آهي. بلاول ڀٽو جيالا فورس پاڪستان پيپلز پارٽي مان منظور ٿيل نه آهي ۽ نه ئي ان سان اسان جو ڪو واسطو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪرٽريٽ جي ترجمان جي جاري ڪيل بيان موجب رانا شبير حسين ٽڪه ۽ ملڪ محمد يونس اعوان پاران جاري ڪيل سموريون مقرريون ۽ نوٽيفڪيشن جعلي آهن، جڏهن ته پارٽي جو نالو غلط استعمال، جعلسازي ۽ ڪوڙي نمائندگي ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. پيپلز پارٽي جعلي تنظيمي سرگرمين سان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مرڪزي سيڪريٽريٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي تي غير قانوني سرگرميون برداشت نه ڪيون وينديون.