اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته معرڪه حق جي ڪاميابي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي هاڪاري ساک ۾ اضافو ڪيو آهي. ڇنڇر تي ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ آهي ۽ ان جو سبب معرڪه حق آهي. هن چيو ته آپريشن بنيان مرصوص دوران …
معرڪه حق پاڪستان جو عالمي مقام بلند ڪيو، اڄ هر محب وطن پاڪستاني ڳاٽ اوچو ڪري هلي رهيو آهي: سينيٽر روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته معرڪه حق جي ڪاميابي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي هاڪاري ساک ۾ اضافو ڪيو آهي. ڇنڇر تي ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ آهي ۽ ان جو سبب معرڪه حق آهي. هن چيو ته آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڪ فوج جنهن مهارت، بهادري ۽ صلاحيتن سان دشمن جو مقابلو ڪيو، اهو پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته اڄ هر پاڪستاني فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري هلي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ امن ڳالهين جي ميزباني پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي هئي، جنهن سان عالمي سطح تي پاڪستان جو موقف وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي. بي آءِ ايس پي چيئرپرسن وطن خاطر پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيندڙ مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ هيروز تي فخر آهي.










