وفاقي وزير محسن نقوي جي بنگلاديش جي گهرو وزير صلاح الدين احمد سان ملاقات

ڍاڪا- 09 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت وفاقي وزير محسن نقوي بنگلاديش جي گهرو وزير صلاح الدين احمد سان ملاقات ڪئي آهي، گهرو وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪريٽري ليول جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ منشيات جي اسمگلنگ ۽ استعمال ۽ نشي وارين شين جي روڪٿام ۾ سهڪار لاءِ تاريخي معاهدي تي صحيحيون به ڪيون ويون. …

ڍاڪا- 09 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بابت وفاقي وزير محسن نقوي بنگلاديش جي گهرو وزير صلاح الدين احمد سان ملاقات ڪئي آهي، گهرو وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪريٽري ليول جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ منشيات جي اسمگلنگ ۽ استعمال ۽ نشي وارين شين جي روڪٿام ۾ سهڪار لاءِ تاريخي معاهدي تي صحيحيون به ڪيون ويون. وفاقي گهرو محسن نقوي پاڪستان جي حڪومت جڏهن ته گهرو وزير صلاح الدين احمد بنگلاديشي حڪومت پاران معاهدي تي صحيحيون ڪيون. ايم او يو تحت ٻئي ملڪ منشيات جي غير قانوني چر پر ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ڀرپور سهڪار ڪندا، معاشري ۾ منشيات جي وڌندڙ رجحان ۽ ان جي ناڪاري اثرن جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وينديون، منشيات جي غير قانوني وڪري ۽ سپلاءِ لائن کي ٽوڙڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي، ٻنهي ملڪن جون لاڳاپيل ايجنسيون منشيات جي اسمگلرن ۽ نيٽ ورڪس بابت وقت سر معلومات جي ڏي وٺ ڪنديون. اهلڪارن جي تربيت، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ بهترين طريقيڪار کي هڪ ٻئي سان شيئر ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات دوران بنگلاديشي هم منصب کي سيف سٽي پراجيڪٽ ۾ مڪمل سهڪار جي آڇ ڪندي چيو ته بنگلاديش جي حڪومت کي سيف سٽي پراجيڪٽ ۾ هر لحاظ سان سپورٽ ڪندا. ملاقات ۾ پاڪ بنگلاديش ٻه طرفا لاڳاپا- انٽرنل سيڪيورٽي ۽ سول آرمڊ فورسز جي ٽريننگ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزيرن دهشتگردي ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ گڏيل قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سائبر ڪرائمز، منظم ڏوهن ۽ مالياتي فراڊ جي حوالي سان گڏيل سهڪار وڌائڻ سميت پوليس اڪيڊميز ۾ آفيسرز لاءِ ٽريننگ پروگرامز ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنگلاديشي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. بنگلاديشي گهرو وزير سيف سٽي پراجيڪٽ لاءِ سهڪار جي آڇ تي گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورو مڃيو. بنگلاديش حڪومت جي پرڏيهي سيڪريٽري اسد عالم صائم، سيڪريٽري ڪابينا نسيم الغني، گهرو سيڪريٽري منظور چوڌري ۽ بنگلاديش ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر عمران حيدر به ان موقعي تي موجود هئا.