آءِ ايس پي آر جي نئين نغمي ”للڪار“ جو ٽيزر جاري

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي نئين نغمي ”للڪار“ جو ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي جيڪو وطن سان محبت ۽ عزم استقلال جي نئين پڪار آهي. معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ آءِ ايس پي آر نئين نغمي جو ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل نغمي ۾ پاڪستان ڏانهن …

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي نئين نغمي ”للڪار“ جو ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي جيڪو وطن سان محبت ۽ عزم استقلال جي نئين پڪار آهي. معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ آءِ ايس پي آر نئين نغمي جو ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل نغمي ۾ پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندڙ هر دشمن کي للڪاريو ويو آهي. نغمو معرڪه حق جهڙي للڪار جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن جي گونج وطن جي دشمنن جي دلين ۾ اڄ به گونجي رهي آهي. نغمي جي شاندار شاعري معرڪه حق جي روح کي ظاهر ڪري ٿي. نغمي ۾ ملڪ دشمنن کي ٻه ٽوڪ پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان هميشا متحد ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي. نغمي ۾ پاڪ فوج ۽ عوام جي هر جارحيت ۽ ظلم خلاف فولادي ديوار وانگر بيٺل رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل نغمو پاڪستان جي سڃاڻپ، عزم ۽ استقامت جي للڪار آهي.