اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) اينٽي نارڪو ٽڪس فورس (اي اين ايف) تعليمي ادارن جي ڀرپاسي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 76 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 44.324 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري ورتي. عورت سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران …
اي اين ايف جو منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، 44 ڪلو کان وڌيڪ منشيات هٿ، 8 گرفتار

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) اينٽي نارڪو ٽڪس فورس (اي اين ايف) تعليمي ادارن جي ڀرپاسي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 76 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي 44.324 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري ورتي. عورت سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران اسلام آباد ۾ يونيورسٽي ويجهو گاڏي مان 7.2 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي. ٻين ڪارروائين ۾ ملتان ڪارگو آفيس ۾ يو ڪي ويندڙ پارسل ۾ شيرواني مان 61.2 ڪلو گرام آئس، راولپنڊي ۾ واقع ڪوريئر آفيس ۾ آسٽريليا ويندڙ پارسل ۾ هاڪي جي بالز ۾ لِڪايل 512.1 ڪلو گرام آئس، علامه اقبال ايئرپورٽ تي بحرين ويندڙ عورت جي ٽرالي بيگ مان 1.202 ڪلو گرام آئس ۽ سکر ۾ بس ٽرمينل ويجهو 2 جوابدارن جي قبضي مان 10.8 ڪلو گرام چرس، ڪاڪ پل بس ٽرمينل اسلام آباد ويجهو موٽر سائيڪل سوار 2 جوابدارن جي قبضي مان 4 ڪلو گرام چرس، اولڊ حاجي ڪيمپ جي ٽي روڊ پشاور ويجهو جوابدار جي قبضي مان 2 ڪلو گرام آئس، شادي ڪور ڪوسٽل لائن پسني ويجهو 15 ڪلو گرام آئس، 23 پسٽل سميت 46 ميگزين هٿ ڪيون. انهن ڪارروائين جي منشيات جي خاتمي جي ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










