اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) جاپان سوشيو اڪنامڪ ايسوسيئشن جي پاڪستان ۾ صدر ستاره عارف چيو آهي ته معرڪه حق پاڪستاني قوم جي عزم، اتحاد ۽ حب الوطني جو روشن مثال بڻجي سامهون آيو آهي. جنهن دنيا تي واضع ڪيو ته پاڪستان پنهنجي خود مختياري، قومي سلامتي ۽ اصولي موقف جي تحفظ لاءِ هر سطح تي متحد آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته …
معرڪه حق پاڪستاني قوم جي عز، اتحاد ۽ حب الوطني جو روشن مثال بڻجي سامهون آيو: ستاره عارف

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) جاپان سوشيو اڪنامڪ ايسوسيئشن جي پاڪستان ۾ صدر ستاره عارف چيو آهي ته معرڪه حق پاڪستاني قوم جي عزم، اتحاد ۽ حب الوطني جو روشن مثال بڻجي سامهون آيو آهي. جنهن دنيا تي واضع ڪيو ته پاڪستان پنهنجي خود مختياري، قومي سلامتي ۽ اصولي موقف جي تحفظ لاءِ هر سطح تي متحد آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته معرڪه حق نه صرف قومي يڪجهتي کي مضبوط ڪيو پر عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻپ کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام، پاڪ فوج ۽ سمورن قومي ادارن جنهن جذبي، يڪجهتي ۽ قرباني جو مظاهرو ڪيو، اهو تاريخ ۾ سونهري لفظن سان لکيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هميشه امن استحڪام ۽ گڏيل احترام جي پاليسي کي ترجيح ڏني آهي.










