راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ حق جي ويڙهه 2025ع جي پهرين يادگاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آپريشن بنيان مرصوص پاڪستان کي عسڪري، سفارتي ۽ بياني جي محاذ تي هڪ مضٻوط ۽ باوقار طاقت طور دنيا آڏو مڃرايو، جڏهن ته حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي سچائي، قومي اتحاد ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي …
حق جي ويڙهه پاڪستان کي عسڪري ۽ سفارتي محاذ تي هڪ مضبوط ۽ باوقار طاقت طور دنيا آڏو مڃرايو: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ حق جي ويڙهه 2025ع جي پهرين يادگاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آپريشن بنيان مرصوص پاڪستان کي عسڪري، سفارتي ۽ بياني جي محاذ تي هڪ مضٻوط ۽ باوقار طاقت طور دنيا آڏو مڃرايو، جڏهن ته حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي سچائي، قومي اتحاد ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت ۽ منظم پروپيگنڊا جو نه رڳو عسڪري پر سفارتي ۽ اطلاعاتي محاذ تي به ڀرپور جواب ڏنو. هن چيو ته ڀارت دهشتگرد جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي جڏهن ته حقيقت ۾ معصوم شهرين، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو ويو جيڪو پاڪستان جي خودمختياري تي سڌي ريت حملو هو. هن چيو ته پاڪستان ان جارحيت جي جواب ۾ آپريشن بنيان مرصوص تحت دشمن جي فوجي هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ۽ دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان هڪ ذميوار پر مضبوط دفاعي طاقت آهي. هن ويڙهه ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي حڪمت عملي فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته حق جي ويڙهه صرف جنگي ڪاميابي ناهي پر سچائي جي فتح پڻ آهي، پاڪستان ڪوڙ ۽ منظم پروپيگنڊا جي مقابلي ۾ سچ جو ساٿ ڏنو ۽ اها ئي ان جي ڪاميابي جو بنيادي سبب بڻيو. عالمي سطح تي پاڪستان جي سڃاڻپ هڪ سنجيده، باوقار ۽ بااثر رياست طور وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ان موقعي تي سڄي قوم مذهبي ۽ سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهي، جنهن سان دشمن جا مڪروه ارادا ناڪام ٿيا. بري، بحري ۽ فضائي فوج عوام جي تعاون سان دشمن کي اهڙو جواب ڏنو جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته شهيد قوم جو فخر ۽ مشعل راهه آهن جڏهن ته غازي اسان جا قومي هيروز آهن، هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان هميشه سچ، امن ۽ قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر محاذ تي ڄمي بيٺل رهندو.










