گهرو وفاقي وزير بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي قبر جي حاضري ڀري

ڍاڪا-08 مئي (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم مرحومه خالده ضياءَ جي قبر تي حاضري ڀري ۽ گل رکيا. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي بيگم خالده ضياءَ جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ دعا گهري. گهرو وزير محسن نقوي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي بنگلاديش ۽ ان جي عوام جي خدمتن کي خراج …

ڍاڪا-08 مئي (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم مرحومه خالده ضياءَ جي قبر تي حاضري ڀري ۽ گل رکيا. گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي بيگم خالده ضياءَ جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ دعا گهري. گهرو وزير محسن نقوي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي بنگلاديش ۽ ان جي عوام جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته بيگم خالده ضياءَ جو سياسي ۽ عوامي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.