اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط، اداره جاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري پاليسين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين سينيٽ سيڪريٽريٽ جي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ مالي بچت جي قدمن کان ناڻي واري وزير کي آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مالياتي نظم ۽ ضبط، اداره جاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري پاليسين تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط، اداره جاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري پاليسين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين سينيٽ سيڪريٽريٽ جي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ مالي بچت جي قدمن کان ناڻي واري وزير کي آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ڪفايت شعاري مهم کي ذميواراڻي طرز حڪمراني جو مثبت مثال قرار ڏنو، يوسف رضا گيلاني چيو ته غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ قومي وسيلن جي موثر استعمال لاءِ عملي قدم اڻٽر آهن، سادگي، شفافيت ۽ مالي ذميواري جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ ضروري آهي، سينيٽ چيئرمين حڪومت جي معاشي استحڪام پاليسين ۽ سڌارتي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته دانشمنداڻي پاليسي سازي ۽ سڌارن جي تسلسل سان پائيدار معاشي ترقي ممڪن آهي، معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ قومي ترقي لاءِ اداره جاتي تعاون انتهائي اهم آهي، ملاقات ۾ قومي معيشت ۽ مالي نظم ۽ ضبط تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










