اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ولوله انگيز ملي نغمي ”الله اڪبر، تيار هين هم“ کي ڀرپور موٽ ملي آهي. تفصيل موجب آءِ ايس پي آر جي ملي نغمي عوام جون دليون کٽي ورتيون، آءِ ايس پي آر جي شاندار نغمي ۾ رت گرمائڻ وارا شعر ۽ سحر انگيز آواز وقت کي روڪي ڇڏيو آهي، معرڪه حق …
معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل ملي نغمي ”الله اڪبر، تيار هين هم“ کي ڀرپور موٽ ملي

مزید خبریں
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ولوله انگيز ملي نغمي ”الله اڪبر، تيار هين هم“ کي ڀرپور موٽ ملي آهي. تفصيل موجب آءِ ايس پي آر جي ملي نغمي عوام جون دليون کٽي ورتيون، آءِ ايس پي آر جي شاندار نغمي ۾ رت گرمائڻ وارا شعر ۽ سحر انگيز آواز وقت کي روڪي ڇڏيو آهي، معرڪه حق جي موقعي تي ولوله انگيز ملي نغمي عوام ۾ حب الوطني جو جذبو وڌيڪ وڌائي ڇڏيو. ، ملي نغمي ۾ ڀارت کي صاف پيغام ڏنو ويو آهي ته ڀارت نٿو ڄاڻي ته هن ڪهڙي باهمت قوم کي للڪاريو آهي، پاڪ فوج ڀارت جي هر قسم جي چڙڏياريندڙ ڪارروائي تي جوابي وار لاءِ هر وقت تيار آهي، جامع حڪمت عملي، جديد هٿيار ۽ سخت ترين تربيت پاڪ فوج کي مڪار دشمن تي يقيني برتري ڏياري. ملي نغمي ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيت، قومي عزم ۽ وطن جي دفاع جي جذبي جي ڀرپور عڪاسي ڪئي وئي.










