سون جي قيمت ۾ 800 رپيا في تولو جي واڌ

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 800 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 93 هزار 962 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 93 هزار 9 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 686 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 22 هزار 806 رپين مان وڌي 4 لک 23 هزار 492 رپيا ٿي وئي ۽ 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 87 هزار 586 رپين …

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 800 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 93 هزار 962 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 93 هزار 9 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. جڏهن ته 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 686 رپين جي واڌ کانپوءِ 4 لک 22 هزار 806 رپين مان وڌي 4 لک 23 هزار 492 رپيا ٿي وئي ۽ 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 87 هزار 586 رپين مان وڌي 3 لک 88 هزار 215 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت ترتيبوار 8049 رپيا ۽ 6900 رپين تي مستحڪم رهي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4708 ڊالرز مان وڌي 4716 ڊالرز ٿي وئي آهي.

مزید خبریں