حق جي ويڙهه جي هيرو ليفٽيننٽ محمد بلال نديم جي زبردست جنگي ڪارڪردگيءَ جي داستان

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) معرڪه حق جي هيرو ۽ تمغه بسالت رکندڙ ليفٽيننٽ محمد بلال نديم جي قيادت ۾ سندس يونٽ دشمن کي وڏو نقصان پهچايو. تفصيل موجب حق جي ويڙهه دوران ليفٽيننٽ محمد بلال نديم آرٽلري آبزرور جي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو هو، هو بهادريءَ سان آبزرويشن پوسٽ تان پنهنجي يونٽ جي فائر جي نگراني ڪندو رهيو. سندس يونٽ جي زبردست گوله باري سان دشمن کي …

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) معرڪه حق جي هيرو ۽ تمغه بسالت رکندڙ ليفٽيننٽ محمد بلال نديم جي قيادت ۾ سندس يونٽ دشمن کي وڏو نقصان پهچايو. تفصيل موجب حق جي ويڙهه دوران ليفٽيننٽ محمد بلال نديم آرٽلري آبزرور جي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو هو، هو بهادريءَ سان آبزرويشن پوسٽ تان پنهنجي يونٽ جي فائر جي نگراني ڪندو رهيو. سندس يونٽ جي زبردست گوله باري سان دشمن کي وڏو نقصان پهتو. دشمن جي ٻن پوسٽن اڇا جهنڊا ڦڙڪائي شڪست جو اعتراف ڪيو. ليفٽيننٽ محمد بلال نديم چيو ته هڪ فوجي لاءِ وطن جي عزت کان وڌيڪ ڪجهه ناهي، حق جي ويڙهه ۾ مثالي ڪارڪردگي تي کيس تمغه بسالت سان نوازيو ويو.

مزید خبریں