وزيراعظم پاران قيمتي پٿرن جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد - 27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قيمتي پٿرن جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي الله تعالى قيمتي پٿرن سميت قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال ڪيو آهي، مقامي وسيلن سان برآمدات ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، سينيٽرز آف ايڪسيلنس قائم ڪرڻ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قيمتي پٿرن جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي الله تعالى قيمتي پٿرن سميت قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال ڪيو آهي، مقامي وسيلن سان برآمدات ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، سينيٽرز آف ايڪسيلنس قائم ڪرڻ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ قيمتي پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي ۽ پروسيسنگ جي عالمي معيار سان هم آهنگي ۽ ان جي برآمدات ۾ اصافي جي عزم سان ملڪ ۾ ٽن سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪرڻ بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي الله تعالى قيمتي پٿرن سميت قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال ڪيو آهي اهو اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ مقامي وسيلن سان برآمدات ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. خاص معاون هارون اختر ۽ ان جي ٽيم جي شعبي جي ترقي جي لاءِ قدم ساراهه جوڳا آهن، سينٽرز آف ايڪسيلنس قائم ڪرڻ ۾ شفافيت جي عنصر کي اهميت ڏني وڃي. وزيراعظم پاڪستاني قيمتي پٿرن جي پراسيسنگ منصوبابندي واري وزارت کي ڏئي ڇڏي. منصوبابندي واري وزارت جلد جامع حڪمت عملي جوڙي وزيراعظم کي پيش ڪندي. اجلاس کي قيمتي پٿرن جي پراسيسنگ ۽ کاڻين جي کوٽائي جي جديد طريقن کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قيمتي پٿرن جي ڪٽائي، تراشڻ ۽ انهن کي زيورن ۾ تبديل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي حوالي سان حڪومت ٽن سينٽرز آف ايڪسيلنس جو قيام عمل ۾ آڻي رهي آهي. گلگت بلتستان ۽ آزاد  ڪشمير ۾ سينٽرز جي لاءِ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ اسلام آباد ۾ سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ زمين جي نشاندهي تي ڪم جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن سينٽرز آف ايڪسيلنس ۾ قيمتي پٿرن جي عالمي معيار جي پراسيسنگ جي لاءِ تربيت فراهم ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جولاءِ 2026ع ۾ پاڪستان ۾ قيمتي پٿرن جي حوالي سان پهرين عالمي نمائش منعقد ڪئي پئي وڃي. ان کانسواءِ سريلنڪا ۽ چين جي تعاون سان مخصوص قيمتي پٿرن جي پراسيسنگ جي حوالي سان افرادي قوت جي تربيت جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس کي قيمتي پٿرن جي گهٽ کان گهٽ زيان سان کاڻين جي کوٽائي جي حوالي سان پيٽروليم واري وزارت جي قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مقامي آبادين کي اعتماد ۾ وٺي ان حوالي سان گڏيل منصوبا جاري ڪيا پيا وڃن. هڪ هزار ماڻهن کي قيمتي پٿرن جي عالمي معيار سان هم آهنگ کاڻين جي کوٽائي جي تربيت پڻ ڏني پئي وڃي. وزيراعظم کي منصوبن جي مرحلن ۽ انهن جي تڪميل جي مقرر مدي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شعبي جي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ منصوبابندي واري وزارت کي جامع حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، گلگت بلتستان ۽ آزاد  ڪشمير جي چيف سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں