وزيراعظم ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان پاران ايس اين جي پي ايل خلاف پيپرا ضابطن جي ڀڃڪڙي جي شڪايت جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد -27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان پاران سوئي ناردرن گئس پائپ لائنز لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) خلاف پيپرا ضابطن جي ڀڃڪڙي جي شڪايت جو نوٽيس ورتو آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم حڪم ڏنو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان پاران موڪليل …

اسلام آباد -27 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان پاران سوئي ناردرن گئس پائپ لائنز لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) خلاف پيپرا ضابطن جي ڀڃڪڙي جي شڪايت جو نوٽيس ورتو آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم حڪم ڏنو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان پاران موڪليل شڪايت تي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ شڪايت جي تصديق ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

مزید خبریں