جي سي يونيورسٽي عظيم علمي، فڪري ۽ تاريخي روايتن جي امين درسگاهه آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

لاهور -26 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽ: لاهور عظيم علمي، فڪري ۽ تاريخي روايتن جي امين درسگاهه آهي. نئين نسل کي پنهنجا تجربا منتقل ڪرڻ لاءِ اولڊر اوينز ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ مربوط ۽ اثرائتو مينٽورشپ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، نون چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد تعليم ۽ عملي رهنمائي اڻٽر آهي، دنيا …

لاهور -26 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽ: لاهور عظيم علمي، فڪري ۽ تاريخي روايتن جي امين درسگاهه آهي. نئين نسل کي پنهنجا تجربا منتقل ڪرڻ لاءِ اولڊر اوينز ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ مربوط ۽ اثرائتو مينٽورشپ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، نون چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد تعليم ۽ عملي رهنمائي اڻٽر آهي، دنيا تيزي سان بدلجي رهي آهي ۽ اسان کي نون عالمي گهرجن مطابق پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي مقامي هوٽل  ۾ اولڊراوينز ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ منعقد سالياني ڊنر 2026ع کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قانون ۽ انصاف بابت وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، رٿابندي ۽ ترقي بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، وفاقي وزير  معين وٽو، ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري شهباز احمد شيخ ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اولڊراينز جو وڏو انگ موجود هو.  وقتي صدر چيو ته هو هن تقريب ۾ ڪنهن سرڪاري عهدي بدران هڪ اولڊ راوين طور شريڪ ٿيو آهي ۽ ان اداري سان وابستگي هن لاءِ ڪنهن به منصب کان وڌيڪ اعزاز رکي ٿي. هن مشهور فارسي چوڻي جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪو درياهه مان نڪرندو آهي اهو واپس درياهه ۾  ئي ايندو آهي ۽ اڄ مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي، جيئن مان پنهنجي انهي درياهه ۾ واپس اچي ويو آهيان. هن جو چوڻ هو ته انهن راهدارين ۾ جتي ڪڏهن اسان جا ٽهڪ گونجندا هئا، انهن باغن ۾ جتي اسان دنيا بدلائڻ جا خواب ڏسندا هئاسين، ان عظيم اداري ۾ جنهن رڳو اسان جي ڪيريئر کي ئي نه پر اسان جي شخصيت کي به جوڙيو آهي. شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته توهان سڀني کي ڏسڻ ايئن آهي، جيئن پراڻين يادن جو خوبصورت ڪتاب کلي ويو هجي، هر چهرو هڪ ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، هر مسڪراهٽ هڪ ياد تازي ڪري ٿي. هن چيو ته گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جي شاگردي وارن ڏينهن جون يادون اڄ به سندس دل ۾ تازيون آهن، جتي نه رڳو تعليم حاصل ڪئي پر زندگي جا بنيادي اصول به سکيا. هن چيو ته جي سي يو شاگردن کي آزاداڻي سوچ، برداشت ۽ اختلاف راءِ جو احترام سيکاريو جيڪو اڄ جي تقسيم ٿيل عالمي ماحول نهايت اهم آهي. هن پنهنجي شاگردي واري دور جو ذڪر ڪندي چيو ته هاسٽل واري زندگي، دوستن سان رات جو دير تائين جاري رهندڙ بحث، چانهن جون محفلون، راند، علمي ۽ ثقافتي سرگرميون ۽ مختلف موضوعن تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه نه رڳو ان جي علم ۾ اضافو ڪيو پر سندس شخصيت ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اهي تجربا آهن جيڪي شاگردن کي عملي زندگي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائن ٿا. وقتي صدر چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اسان کي نون عالمي گهرجن مطابق پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس، ماحولياتي تبديلي، ڊجيٽل معيشت ۽ گلوبلائيزيشن جهڙا عمل نوجوانن لاءِ نوان موقعا ۽ چئلينجز کڻي آيا آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد تعليم ۽ عملي رهنمائي اڻٽر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي هن اولڊ راوينز ايسوسيئيشن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهو پليٽ فارم نه رڳو اڳوڻن شاگردن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي رکي ٿو پر اداري سان سندن تعلق کي به مستحڪم بڻائي ٿو. هن چيو ته اهڙيون تقريبون ماضي جي يادن کي تازو ڪرڻ سان گڏوگڏ مستقبل لاءِ نئين عزم کي به پيدا ڪن ٿيون. هن دوستي ۽ وابستگي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته وقت ۽ فاصلي باوجود حقيقي رشتا قائم رهن ٿا ۽ اهي ئي رشتا انسان کي مشڪل حالتن ۾ حوصلو ڏين ٿا. هن چيو ته اولڊ راوينز ايسوسيئيشن ان ئي جذبي جي عملي مثال آهي جيڪا پنهنجي  ميمبرن کي هڪ مضبوط ٻنڌڻ ۾ جوڙي رکي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هاڻي مئي 2025ع کي ڏسو، ان واقعي (پلوامه) کي هڪ سال ٿي چڪو آهي، ان کان پوءِ ڀارت مئي ۾ پاڪستان تي بنا جواز حملو ڪيو جنهن جي جواب ۾ پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست هئڻ ناطي تحمل جو مظاهرو ڪيو، اسان جو موقف عالمي برادري سمجهيو ۽ تسليم ڪيو، اسان دنيا کي دعوت ڏني ته اچي آزاداڻي جاچ ڪري جڏهن ته ڀارت جو بيانيو عالمي سطح تي رد ڪيو ويو. پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست آهي ۽ ان ذميواري جو مظاهرو ڪيو. تقريب ۾ اولڊ راوينز ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري شهباز احمد شيخ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي جڏهن ته نائب صدر شيرين اسد، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير  محمد اسحاق جو پيغام پڙهي ٻڌايو. آخر ۾ سينئر نائب صدر سرفراز احمد شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.

مزید خبریں