وطن جي دفاع واري جذبي سان ڀرپور پاڪ فضائيه دشمن کي سخت جواب ڏيڻ لاءِ هميشه هر وقت تيار

اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) وطن جي دفاع واري جذبي سان ڀرپور پاڪ فضائيه دشمن کي سخت جواب ڏيڻ لاءِ هميشه هر وقت تيار آهي. حق جي ويڙهه ۾ پاڪ فضائيه جرئت ۽ بهادري جي اها نئين تاريخ لِکي جنهن جي دهشت پوري دنيا محسوس ڪئي. حق جي ويڙهه کان اڳ پاڪ فضائيه 3 ڏينهن ڀرپور جنگي مشقن ”ضرب حيدري“ جي شروعات ڪئي. انهن مشقن جو مقصد پاڪ …

اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) وطن جي دفاع واري جذبي سان ڀرپور پاڪ فضائيه دشمن کي سخت جواب ڏيڻ لاءِ هميشه هر وقت تيار آهي. حق جي ويڙهه ۾ پاڪ فضائيه جرئت ۽ بهادري جي اها نئين تاريخ لِکي جنهن جي دهشت پوري دنيا محسوس ڪئي. حق جي ويڙهه کان اڳ پاڪ فضائيه 3 ڏينهن ڀرپور جنگي مشقن ”ضرب حيدري“ جي شروعات ڪئي. انهن مشقن جو مقصد پاڪ فضائيه جي آپريشنل تيارين کي حتمي صورت ڏيڻ ۽ ڪنهن به امڪاني ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ هو. مشقن ۾ جي ايف-17 ٿنڊر ۽ ايف-16  سميت مختلف ويڙهاڪ جهازن پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. بدلجندڙ سيڪيورٽي  صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪ فضائيه آپريشنل ايئر بيسز  کي فعال ڪيو، جنگي جهازن جي مقرري جو مقصد هٿياربند فوج کي لاجسٽڪ سپورٽ فراهم ڪرڻ ۽ ڀارت کي امڪاني مهم  جي سنگين نتيجن کان خبردار ڪرڻ هو. حق جي ويڙهه ۾ پاڪ فضائيه ثابت ڪيو ته هو رافيل جهڙن ڪنهن به جديد جهازن کي تباهه ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. دفاعي ماهرن موجب پهلگام  فالس فليگ کان پوءِ پاڪ فضائيه مشقن ۽ اسٽريٽجڪ حڪمت عملي سان دشمن تي واضح ڪيو هو ته پاڪستان جي فضائي حدن جو دفاع ناقابل تسخير آهي، حق جي ويڙهه دوران پاڪ فضائيه دشمن جي جنگي جهازن کي فضا ۾ تباهه ڪري وطن جي دفاع جي تاريخ ۾ هڪ سونهري باب جو اضافو ڪيو آهي.  

مزید خبریں