قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  پاران وائيٽ هائوس ۾ تقريب دوران فائرنگ جي مذمت

اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق وائيٽ هائوس ۾ صحافين جي اعزاز ۾  ڪيل دعوت جي تقريب تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، خاتون اول ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جي محفوظ رهڻ تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر سردار اياز صادق، صدر ٽرمپ ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن لاءِ نيڪ تمنائن …

اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق وائيٽ هائوس ۾ صحافين جي اعزاز ۾  ڪيل دعوت جي تقريب تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، خاتون اول ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جي محفوظ رهڻ تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر سردار اياز صادق، صدر ٽرمپ ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن لاءِ نيڪ تمنائن ۽ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته تشدد جي واقعي جي روڪٿام لاءِ معاشري ۾ امن ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي.  

مزید خبریں