پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ ڀارت جي بي بنياد الزام تراشي، پاڪستاني قيادت اصول ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو

اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ ڀارت جي بي بنياد الزام تراشي جي جواب ۾  پاڪستاني قيادت اصول ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو. پاڪستاني قيادت ڀارت جي جارحاڻن عزمن کي محسوس ڪندي هن کي چٽن لفطن ۾ خبردار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 اپريل 2025ع تي پي ايم اي ڪاڪول ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڀارت بنا جاچ ۽ شاهدين جي پاڪستان …

اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ ڀارت جي بي بنياد الزام تراشي جي جواب ۾  پاڪستاني قيادت اصول ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو. پاڪستاني قيادت ڀارت جي جارحاڻن عزمن کي محسوس ڪندي هن کي چٽن لفطن ۾ خبردار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 اپريل 2025ع تي پي ايم اي ڪاڪول ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڀارت بنا جاچ ۽ شاهدين جي پاڪستان خلاف بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جو سلسلو جاري رکيو پيو اچي. پهلگام  جو تازو واقعو به ان بي بنياد الزام تراشي جو واضح مثال آهي. وزيراعظم پاڪستان پهلگام واقعي تي ڀارت کي غير جانبداراڻي ۽ شفاف انڪوائري جي غير مشروط آڇ به ڪئي. هن ڀارت کي خبردار ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان جي پاڻي جي وهڪري کي روڪڻ، گهٽ ڪرڻ يا موڙڻ ڪنهن به ناپاڪ ڪوشش جو ڀرپور طاقت سان جواب ڏنو ويندو. هن واضح ڪيو ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي جي فاع لاءِ مڪمل طور تيار آهي. ماهرن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پهلگام واقعي جي شفاف انڪوائري جي آڇ ڪري پاڪستان کي هڪ زميوار رياست طور پيش ڪيو. ڀارتي قيادت جيڪڏهن پهلگام واقعي جي انڪوائري جي پاڪستاني آڇ تسليم ڪري ها ته شايد هن کي حق واري ويڙهه ۾ دنيا سامهون  رسوائي جو منهن ڏسڻو نه پئجي ها.

مزید خبریں