عالمي تڪرارن جو حل پيٽرول جي قيمتن کي مستقل طور ضابطي ۾ رکڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ

اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي، ته عالمي تڪرارن جو حل ڪڍڻ پيٽرول جي قيمتن ۾  مستقل طور ضابطي ۾ رکڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ۾ ٻارڻ جي فراهمي محفوظ آهي، ان جي ابتڙ ڀارت ۾ شهرين کي پيٽرول پمپس تي ڊگهين قطارن ۽ کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. هڪ ٽيليويزن چينل سان ڳالهائيندي علي …

اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي، ته عالمي تڪرارن جو حل ڪڍڻ پيٽرول جي قيمتن ۾  مستقل طور ضابطي ۾ رکڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ۾ ٻارڻ جي فراهمي محفوظ آهي، ان جي ابتڙ ڀارت ۾ شهرين کي پيٽرول پمپس تي ڊگهين قطارن ۽ کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو. هڪ ٽيليويزن چينل سان ڳالهائيندي علي پرويز ملڪ چيو ته ٻارڻ جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ ۽ مارڪيٽ ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن زور ڀريو ته عالمي تڪرارن سبب معاشي دٻاءَ جو شڪار ڀارت جهڙن ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾  پاڪستان جي صورتحال بهتر آهي. هن وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم جي قيادت کي ساراهيندي سندن فعال قدمن جي تعريف ڪئي ۽ توانائي جي تحفظ ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ سندن ڪوششن کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو. وفاقي وزير اهو به واضح ڪيو ته پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان هڪ معاهدو آهي جنهن جي پاسداري ضروري آهي ۽ خبردار ڪيو ته ان تي عمل ۾ ناڪامي ملڪ جي معيشت لاءِ سنگين نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته حڪمت عملي ۾ تبديليون جن ۾ ڊيزل جي استعمال کي گهٽائي، ان کي پيٽرول ڏانهن منتقل ڪرڻ شامل آهي، ٻارڻ جي دستيابي کي بهتر بڻائڻ ۽ قيمتن کي اثرائتي انداز ۾ ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون آهن.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ملڪ اندر تيل يا پيٽرول پيدا ناهي ڪندو ۽ پنهنجي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مڪمل طور آمدني واپار تي ڀاڙي ٿو. هن چيو ته مستحڪم فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ قيمتن جو انتظام ڪرڻ اسٽريٽجڪ منصوبا بندي ۽ عالمي معاهدن جي پابندي جي گهرُ ڪري ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن اوگرا جي جاري ڊجيٽلائيزيشن واري عمل ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڊي ريگيوليشن جي ضرورت تي روشني وڌي. وفاقي وزير زور ڀريو ته اهي سڌارا بهتر طرز حڪمراني ۽ ٻارڻ جي ورهاست جي نظام کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ انتهائي اهم آهن.

مزید خبریں