اسلام آباد-26 اپريل (اي پي پي)واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 39 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 47 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 42 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 42 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 84 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 84 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 39 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار ڪيوسڪ آھي. …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-26 اپريل (اي پي پي)واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 39 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 47 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 42 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 42 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 84 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 84 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 39 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 20 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 39 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 39 هزار 300 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 34 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 18 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1465.08 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.507 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1161.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.172 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.10 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.263 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











