ايران جي پرڏيهي وزير سان موجوده علائقائي صورتحال تي خوشگوار ۽ گرمجوشي واري ماحول ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان موجوده علائقائي صورتحال تي خوشگوار ۽ گرمجوشي واري ماحول ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ سندس وفد سان ملاقات ڪري خوشي ٿي. ملاقات دوران موجوده علائقائي صورتحال تي نهايت گرمجوشي ۽ …

اسلام آباد- 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان موجوده علائقائي صورتحال تي خوشگوار ۽ گرمجوشي واري ماحول ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ سندس وفد سان ملاقات ڪري خوشي ٿي. ملاقات دوران موجوده علائقائي صورتحال تي نهايت گرمجوشي ۽ خوشگوار ماحول ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اسان گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، جن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا امڪان شامل آهن.

مزید خبریں