نائب وزيراعظم / پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار  جي صدارت ۾ اجلاس، خطي جي تازي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد- 25 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم / پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار  جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ خطي جي تازي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ هن ورجايو ته پاڪستان خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ڇنڇر …

اسلام آباد- 25 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم / پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار  جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ خطي جي تازي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ هن ورجايو ته پاڪستان خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، هن وڌيڪ واضح ڪيو ته ايران-آمريڪا سهولت جي عمل بابت پاڪستان جي سرڪاري پاليسي اها ئي آهي جيڪا صرف سرڪاري ذريعن ذريعي جاري ڪئي ويندي آهي. ڪنهن به غير نامزد پاڪستاني عهديدار يا ذريعن جا بيان، چاهي اهي پرنٽ ميڊيا ۾ هجن يا سوشل ميڊيا تي، پاڪستان جي سرڪاري موقف جي عڪاسي نٿا ڪن. هن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي مشورو ڏنو ته اهي قياس آرائين تي ٻڌل رپورٽنگ کان پاسو ڪن ۽ صرف سرڪاري بيانن تي ڌيان ڏين.

مزید خبریں