پاڪستان وچ اوڀر جي بحران دوران ڏکڻ ايشيا کان اڳتي وڌي هڪ اهم ڪردار طور سامهُون آيو آهي: آمريڪي رسالو

اسلام آباد- 25 اپريل (اي پي پي) وڌندڙ علائقائي تڪرارن جي ڏس ۾ پاڪستان عالمي سفارتڪاري جي ميدان ۾ هڪ اهم ڪردار طور اڀري سامهُون آيو آهي ۽ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري بحران ۾ هڪ مرڪزي ثالث جي حيثت اختيار ڪندي نظر اچي رهيو آهي. آمريڪي رسالي دي نيشن انٽرسٽ ۾ شايع ٿيل هڪ تازي مضمون موجب، پاڪستان جي فوجي قيادت مُشڪل ۽ حساس سفارتي صورتحال کي …

اسلام آباد- 25 اپريل (اي پي پي) وڌندڙ علائقائي تڪرارن جي ڏس ۾ پاڪستان عالمي سفارتڪاري جي ميدان ۾ هڪ اهم ڪردار طور اڀري سامهُون آيو آهي ۽ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري بحران ۾ هڪ مرڪزي ثالث جي حيثت اختيار ڪندي نظر اچي رهيو آهي. آمريڪي رسالي دي نيشن انٽرسٽ ۾ شايع ٿيل هڪ تازي مضمون موجب، پاڪستان جي فوجي قيادت مُشڪل ۽ حساس سفارتي صورتحال کي ڪاميابي سان سنڀالي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان علائقائي سياست جي نقشي مان نڪري هڪ سرگرم ۽ مرڪزي ڪردار طور سامهُون آيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اپريل جي وچ ۾ پاڪستان اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي ڳالهين جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ آمريڪي ۽ ايراني وفدن جي سينئر ميمبرن شرڪت ڪئي. ان کي 1979ع کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پهرين سڌي اعليٰ سطحي ملاقات قرار ڏنو پيو وڃي. هي سفارتي اڳڀرائي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي نگراني ۾ ممڪن ٿي، جنهن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مختلف سفارتي رابطن کي فعال ڪيو.

مزید خبریں