مدينه منوره - 25 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مان سعودي عرب حج اڏامن جو سلسلو بنا رڪاوٽ جاري آهي ۽ حج آپريشن کان اڳ 7 ڏينهن دوران مجموعي طور تي 59 اڏامون ذريعي 15 هزار 26 حج پانڌيئڙن کي مدينه منوره پهچايو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب (ڇنڇر) تي به حج آپريشن ڀرپور طريقي سان جاري رهيو. جنهن ۾ وڌيڪ 8 اڏامن ذريعي 2200 پاڪستاني …
پاڪستان مان سعودي عرب حج اڏامن جو سلسلو بنا رڪاوٽ جاري

مزید خبریں
مدينه منوره – 25 اپريل (اي پي پي) پاڪستان مان سعودي عرب حج اڏامن جو سلسلو بنا رڪاوٽ جاري آهي ۽ حج آپريشن کان اڳ 7 ڏينهن دوران مجموعي طور تي 59 اڏامون ذريعي 15 هزار 26 حج پانڌيئڙن کي مدينه منوره پهچايو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب (ڇنڇر) تي به حج آپريشن ڀرپور طريقي سان جاري رهيو. جنهن ۾ وڌيڪ 8 اڏامن ذريعي 2200 پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي مدينه منوره پهچايو ويو. ترجمان جو چوڻ هو ته حج پانڌيئڙن جي خدمت ۽ رهنمائي لاءِ هن وقت تائين مذهبي معاملن جي 80، حج ميڊيڪل مشن جي 50 ۽ 134 ٻين سول ملازمن کي حاجين جي خدمت لاءِ سعودي عرب پهچايو ويو جيڪي پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيا آهن جيڪي مدينه منوره ۾ حج پانڌيئڙن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مين ڪنٽرول آفيس، ايئرپورٽ آجياڻي، خوراڪ، رهائش، ٽرانسپورٽ ۽ ڪال سينٽر سميت سمورن شعبن ۾ 24 ڪلاڪ مصروف آهن. ترجمان ٻڌايو ته هن وقت تائين 4 هزار 611 پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي رياض الجنه جي زيارت جو عمل مڪمل ڪرايو ويو آهي. هن وقت تائين رستو ڀلجي ويل هڪ حاجي، 14 ويل چيئرز ۽ 673 گم ٿيل بيگن جي تلاش ڪري حج پانڌيئڙن تائين پهچايو ويو آهي. صحت ۽ سلامتي جي حوالي سان پاڪستاني حج ميڊيڪل مشن فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جنهن تحت هن وقت تائين 288 ماڻهن کي او پي ڊي، 5 کي ڊينٽل ۽ 4 کي اي سي جي جي طبي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.











