ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 25 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينھن جاري تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 33 ھزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 50 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 38 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 38 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 74 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 74 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 35 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 …

اسلام آباد- 25 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينھن جاري تفصيل مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 33 ھزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 50 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 38 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 38 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 74 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 74 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 35 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 19 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 39 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 39 هزار 300 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 34 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 هزار 500 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 20 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1465.57 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.524 ملين ايڪڙ فوٽ،م نگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1160.95 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.163 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.70 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.244 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں