اسلام آباد - 23 اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن هو پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ٺوس سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي، اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر بي بنياد الزامن ۽ پروپئگنڊه جي مهم جي ذريعي پهلگام واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان …
ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر بي بنياد الزامن ۽ پروپئگنڊه جي مهم جي ذريعي پهلگام واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن هو پنهنجي عالمي حصيدارن سان گڏجي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ٺوس سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي، اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر بي بنياد الزامن ۽ پروپئگنڊه جي مهم جي ذريعي پهلگام واقعي کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته جاري علائقائي ڇڪتاڻ دوران به ڀارت پنهنجي تنگ نظر اندروني سياسي مفادن جي لاءِ پاڪستان جي خلاف ڪوڙي بيانيي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گذريل سال پنهنجي اجائي جارحاڻي قدمن تي “آپريشن بُنيان مرصوص” جي صورت ۾ موثر جواب ملڻ کانوءِ اهڙي نوعيت جا الزام اصل ۾ خطي ۾ دهشتگردي جي مسلسل سرپرستي تي پڙدو وجهڻ جي لاءِ ڀارت جي پراڻي حڪمت عملي جو هڪ ٻيو حصو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حقيقت اها آهي ته اهڙي طرح جون پروپئگنڊه مهمون عالمي برادري جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي مسلسل غيرقانوني قبضي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي ابتڙ خودمختياري جي حق کان محروم رکڻ تان هٽائي نه ٿيون سگهن ۽ نه ئي اهڙا حربا ان حقيقت کي لڪائي سگهن ٿا ته ڀارت اشتعال انگيز بيانن، مسلسل اشتعال انگيزي ۽ جارحاڻي فوجي طرز عمل جي ذريعي علائقائي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي رهيو آهي جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل ڪرڻ به شامل آهي جيڪو عالمي قانون جي واضح خلاف آهي. بيان ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته عالمي برادري ڀارت کي ذميواراڻو طرز عمل اختيار ڪرڻ ۽ اهڙن سمورن بيانن ۽ قدمن کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏيندي جيڪي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.











