گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان آمريڪي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان سفارتي ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير جنگبنديءَ ۾ واڌ لاءِ آمريڪا صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قدمن کي ساراهيو. ملاقات ۾ تڪرارن جي …

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسلام آباد ڳالهين جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان سفارتي ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير جنگبنديءَ ۾ واڌ لاءِ آمريڪا صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قدمن کي ساراهيو. ملاقات ۾ تڪرارن جي جٽادار حل جي سفارتي چينلز جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. گهرو وزير چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنگبنديءَ ۾ واڌ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ۽ اهي قدم ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائيءَ طرف اهم اڳڀرائي آهي ۽ ايران طرفان به مثبت اڳڀرائيءَ جي اميد آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مسئلي جي حل لاءِ هر سطح تي ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. اميد آهي ته ڌُريون سفارتي ۽ پُرامن حل کي موقعو ڏينديون. نيٽلي بيڪر خطي ۾ امن جي قيام ۽ تڪرارن جي حل لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو.