وچ اوڀر مان توانائي جي فراهميءَ ۾ رڪاوٽون برقرار رهڻ سان 4.5 ڪروڙ ماڻهو غذائي عدم تحفظ جو شڪار ٿي سگهن ٿا: آءِ ايم ايف

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ عالمي معيشت کي سخت امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ ان جا اثر سڄي دنيا جي معيشتن ۽ عوام تي واضح طور محسوس ڪيا پيا وڃن. آءِ ايم ايف جي هاڻوڪي رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته جنگ نه صرف خطي پر پوري دنيا لاءِ معاشي ڏُکيائين جو سبب بڻجي رهي آهي. …

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جنگ عالمي معيشت کي سخت امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ ان جا اثر سڄي دنيا جي معيشتن ۽ عوام تي واضح طور محسوس ڪيا پيا وڃن. آءِ ايم ايف جي هاڻوڪي رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته جنگ نه صرف خطي پر پوري دنيا لاءِ معاشي ڏُکيائين جو سبب بڻجي رهي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته دنيا هن وقت هڪ وڏي عالمي ۽ غير متوازن سپلاءِ شاڪ کي مُنهن ڏئي رهي آهي. عالمي سطح تي ڏهاڙي تيل جي فراهمي تقريبن 13 سيڪڙو ۽ ايل اين جي جي فراهمي 20 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي وئي آهي دنيا جو هر ملڪ توانائيءَ جون بلند قيمتون ادا ڪري رهيو آهي، ان اثرن مختلف ملڪن ۾ ان جي جاگرافيائي ويجهڙائپ، توانائيءَ جي روانگي واپار يا آمدني واپار جي حيثيت ۽ مالياتي گنجائش موجب مختلف شدت سان پئجي رهيا آهن. جنگ جي شروعات کان اڳ برينٽ خام تيل جي قيمت تقريبن 72 ڊالر في بيرل هئي جيڪا هڪ مرحلي تي وڌي 120 ڊالر في بيرل جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. جيتوڻيڪ بعد ۾ قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي پر اهو هاڻ به جنگ کان پهرين جي مقابلي ۾ واضح طور وڌيڪ آهي ۽ ڪيترائي ملڪ توانائيءَ جي فراهمي حاصل ڪرڻ لاءِ اضافي قيمت ادا ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب توانائيءَ جي فراهمي ۾ رڪاوٽون ڪيترن ئي ثانوي اثرن کي جنم ڏئي چڪيون آهن، جيڪي ايندڙ عرصي ۾ به جاري رهي سگهن ٿيون. تيل صاف ڪندڙ ريفائنرين جون سرگرميون به گهٽ ٿي ويون. ڊيزل ۽ جيٽ فيول سيمت ريفائن ٿيل شين جي کوٽ عالمي سطح تي ٽرانسپورٽ، واپار ۽ سياحت کي متاثر ڪيو آهي. ان صورتحال ۾ خوراڪ جي عدم دستيابي ۾ واڌ ٿي اهي ۽ صورتحال جاري رهڻ تي وڌيڪ 4.5 ڪروڙ ماڻهو غذائي عدم تحفظ جو شڪار ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته بُک جو شڪار ماڻهن جو انگ 36 ڪروڙ کان وڌي سگهي ٿو. آءِ ايم ايف موجب عالمي اقتصادي اؤسر تي ان بحران جي اثرن جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته جنگبندي ڪيتري جٽادار ثابت ٿئي ٿي ۽ انفراسٽرڪچر کي ڪيترو نقصان پهچي ٿو، جيڪڏهن هي بحران نه هجي ها ته عالمي اقتصادي اؤسر ۾ واڌ جي توقع ڪئي پئي وئي، پر هاڻ هيستائين جو بهترين صورت ۾ به اؤسر جي رفتار گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ آءِ ايم ايف ملڪن کي خبردار ڪيو ته هو هڪ طرفن قدمن جهڙوڪ روانگي واپار تي پابندي يا قيمتن تي سخت ڪنٽرول کان پاسو ڪن، ڇاڪاڻ ته ان سان عالمي حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. آءِ ايم ايف مرڪزي بئنڪن کي قيمتن جي استحڪام تي ڌيان ڏيڻ، حڪومتن کي معاشي طور ڪمزور طبقن لاءِ هدفي ۽ عارضي مالي امداد جي فراهمي ۽ مالياتي وسيلن کي ذميداريءَ سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. رپورٽ موجب وچ اوڀر جي جنگ جي اثرن سبب ايندڙ عرصي ۾ ملڪن کي ادائگين جي توازن لاءِ مالي مدد جي ضرورت وڌي سگهي ٿي. جنگبندي برقرار رهڻ جي صورت ۾ آءِ ايم ايف 20 ارب کان 50 ارب ڊالرن تائين مالي معاونت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. رپورٽ ۾ توانائيءَ جي بچت، متبادل توانائي جا ذريعا ۽ اقتصادي سڌارن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي.