سولر نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان نيپرا جي لائسنس کي وفاقي حڪومت سان ڳنڍڻ جو تاثر درست ناهي: پاور ڊويزن جي وزارت

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان سولر نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي لائسنس کي وفاقي حڪومت سان ڳنڍڻ جو تاثر رد ڪندي واضح ڪيو ته ان حوالي سان ريگيوليشنز جو اختيار مڪمل طور ريگيوليٽر وٽ آهي. ڪالهه وضاحتي بيان ۾ ترجمان چيو ته سولر نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان نيپرا جي لائسنس کي توانائي واري وزارت، پاور ڊويزن يا …

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان سولر نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي لائسنس کي وفاقي حڪومت سان ڳنڍڻ جو تاثر رد ڪندي واضح ڪيو ته ان حوالي سان ريگيوليشنز جو اختيار مڪمل طور ريگيوليٽر وٽ آهي. ڪالهه وضاحتي بيان ۾ ترجمان چيو ته سولر نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان نيپرا جي لائسنس کي توانائي واري وزارت، پاور ڊويزن يا وفاقي حڪومت طرفان لازمي قرار ڏين جي حوالي سان وضاحت لازمي آهي. نيپرا لائسنس وٺڻ جي حوالي سان ريگيوليشنز موجود آهن، جن جو تعلق ريگيوليٽر سان آهي، جڏهن ته ڊسڪوز ان ريگيوليشنز تي عملدرآمد جون پابند هونديون آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي حڪمن کي لائسنس سان ڳنڍڻ بلڪل غلط آهي.