پن بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي جو بنيادي سبب صوبن ۾ پاڻي جي طلب ۾ گهٽتائي آهي: پاور ڊويزن جو ترجمان

اسلام آباد-23 اپريل(اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته گذريل رات صوبن طرفان ڊيمانڊ کان پوءِ پيڪ ٽائيم ۾ ڊيمن مان پاڻي جي نيڪال سبب 4950 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي هئي. بجلي  جي ورڇيندڙ ڪمپنين ڪالهه رات پيڪ ٽائيم ۾ ڊيمانڊ ۾ اضافي سبب 2 کان اڍائي ڪلاڪ تائين لوڊ مئنجمنٽ ڪئي. بجلي جي صورتحال جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته پن بجلي …

اسلام آباد-23 اپريل(اي پي پي) پاور ڊويزن جي ترجمان چيو آهي ته گذريل رات صوبن طرفان ڊيمانڊ کان پوءِ پيڪ ٽائيم ۾ ڊيمن مان پاڻي جي نيڪال سبب 4950 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي هئي. بجلي  جي ورڇيندڙ ڪمپنين ڪالهه رات پيڪ ٽائيم ۾ ڊيمانڊ ۾ اضافي سبب 2 کان اڍائي ڪلاڪ تائين لوڊ مئنجمنٽ ڪئي. بجلي جي صورتحال جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته پن بجلي جي ڪارڪردگي 11500 ميگاواٽ آهي. پن بجلي ذريعي هاڻي به ڪارڪردگي کان اٽڪل 60 هزار ميگاواٽ بجلي گهٽ پيدا ٿي رهي آهي، جنهن جو بنيادي سبب صوبن مان پاڻي جي گهٽ طلب آهي. هن چيو ته ملڪ جي وڌيڪ نقصانن وارن فيڊرز تي پاليسيءَ موجب اڪنامڪ لوڊ مئنجمنٽ جاري رهندي. اڪنامڪ لوڊ مئنجمنٽ جو پيڪ ٽائيم لوڊ مئنجمنٽ سان ڪو تعلق ناهي. ايل اين جي دستيابي سان پيڪ ٽائيم لوڊ مئنجمنٽ پڻ ختم ٿي ويندي، جڏهن ته رات جي  وقت بجلي جي استعمال ۾ بچت جي اصولن تي عملدارآمد جي ضرورت آهي ته جئين وڌنڌڙ ڊيمانڊ کي بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي. عالمي حالتن ۽ پاڻيءَ جي گهٽ طلب سبب رات جي وقت ۾ شارٽ فال ٿيندو آهي.