وزيراعظم پاران پاڪستان جي خلائي مشن پاڪستان جي لاءِ اهم سنگ ميل ۽ پوري قوم جي لاءِ فخر قرار

اسلام آباد - 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي خلائي مشن کي پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ۽ پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته چين جي تعاون سان خلائي تحقيق جو سفر ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن ۾ نئين سگهه جو اضافو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار خلائي …

اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي خلائي مشن کي پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ۽ پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته چين جي تعاون سان خلائي تحقيق جو سفر ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن ۾ نئين سگهه جو اضافو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار خلائي مشن تي ويندڙ پاڪستاني خلابازن خرم دائود ۽ محمد ذيشان علي سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون سيد طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ اسپارڪو جو چيئرمين محمد يوسف خان، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ اسپارڪو جو خلاباز اتاشي حسنين افتخار پڻ موجود هئا. وزيراعظم خلابازن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته نوجوان خلابازن ۽ خلاباز اتاشي سان ملي خوشي ٿي آهي، توهان جو خلائي مشن تي تحقيق جي لاءِ وڃڻ پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ۽ مون سميت پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي، پُراعتماد آهيان ته توهان پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب لکڻ وڃي رهيا آهيو، ڏينهن رات محنت جي ڪري توهان اهو مقام حاصل ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي، چيني تعاون سان خلائي تحقيق جو سفر ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن ۾ نئين سگهه جو اضافو ڪندو. وزيراعظم چين جي سفير سان ڳالهائيندي چيو ته خلائي تحقيق ۾ پاڪستان ۽ چين جي تعاون سان ٻنهي ملڪن جي دوستي آسمان جي بلندين کي ڇُهيندي ستارن تي پهچڻ جي لاءِ تيار آهي. چين جي سفير وزيراعظم جي ڳالهه ٻولهه جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي خلائي تحقيق ۾ تعاون کي خوش ائنده قرار ڏنو. خلابازن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي لاءِ خلا ۾ تحقيق جا فرض سرانجام ڏيڻ عزت جوڳو، منفرد اعزاز ۽ خوشي جو سبب آهي، محنت ۽ جذبي سان قوم جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.