وزيراعظم پاران چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ

اسلام آباد - 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ان حصيداري تي فخر ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان …

اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ان حصيداري تي فخر ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هئا. وزيراعظم عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان کي چين سان اسٽريٽجڪ حصيداري تي فخر آهي. هن ان عزم جو پڻ اظهار ڪيو ته هو چيني قيادت سان ويجهو تعاون جاري رکندو ته جيئن اهي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط کان مضبوط تر ٿين. ملاقات دوران وچ اوڀر جي صورتحال ۽ پاڪستان جي امن ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني سفير وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. هن صدر شي جن پنگ جي ويزن موجب پاڪستان سان مضبوط دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ان کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي چين جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.