خطي ۽ دنيا کي درپيش موجوده چئلينجز کي نظر ۾ رکندي سارڪ جهڙن علائقائي فورمز کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين

اسلام آباد-23 اپريل(اي پي پي) سينٽ جي ڊپٽي چيئرمين سارڪ جي فعال ۽ اثرائتي ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هو سارڪ جي صدر جي مان ۾ حبا فواد چوڌري پاران ڏنل ڊنر جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو، جنهن ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سميت معزز مهمانن شرڪت ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان مطابق تقريب خوشگوار ماحول ۾ منعقد ٿي، جتي مهمانن سان گڏيل …

اسلام آباد-23 اپريل(اي پي پي) سينٽ جي ڊپٽي چيئرمين سارڪ جي فعال ۽ اثرائتي ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هو سارڪ جي صدر جي مان ۾ حبا فواد چوڌري پاران ڏنل ڊنر جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو، جنهن ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر سميت معزز مهمانن شرڪت ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان مطابق تقريب خوشگوار ماحول ۾ منعقد ٿي، جتي مهمانن سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي سينيٽ جي ڊپٽي ڍيئرمين ڏکڻ ايشيا جي علائقائي تعاون تنظيم سارڪ جي فعال ۽ اثرائتي ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته خطي ۽ دنيا کي درپيش موجوده چئلينجز کي نظر ۾ رکندي اهڙن علائقائي فورمز کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو ته جيئن امن، استحڪام ۽ سهڪار کي هٿي ملي سگهي. هن چيو ته عالمي سطح تي وڌندڙ ڇڪتاڻ خاص طور تي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ سنجيده مسئلو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سارڪ کي به پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته هن وقت دنيا امن جي ڳولا ۾ آهي ۽ پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ نه رڳو جنگ بندي ممڪن ٿي پر آمريڪا ۽ ايران کي ڊگهي عرصي کانپوءِ ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ به اڳڀرائي ٿي آهي، ۽ اميد آهي ته اهو عمل خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن سارڪ جي ميبر ملڪن تي زور ڀريو ته هو اهڙين نازڪ حالتن ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو ساٿ ڏين ۽ علائقائي ۽ عالمي امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن. هن وڌيڪ چيو ته 2016ع کانپوءِ تعطل جو شڪار سارڪ عمل کي ٻيهر فعال بڻائڻ جي شديد ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ هن ميمبر ملڪن خاص طور تي ڀارت تي زور ڀريو ته هو هڪ هٽي ۽ ڇڪتاڻ جي پاليسين کان پاسو ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪري. مهمانن ان اميد جو اظهار ڪيو ته گڏيل رابطا ۽ اهڙا موقعا علائقائي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.