پي ٽي اي ۽ ڪنيڪٽ هيئر جو گڏيل سهڪار، ڊجيٽل شموليت کي هٿي ڏيڻ ڏانهن اهم اڳڀرائي

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) انٽرنيشنل گرلز اينڊ آءِ سي ٽي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ٻڌڻ جي سگهه کان محروم عورتن ۽ ٻارڙين لاءِ پهچ ۽ ڊجيٽل شموليت کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ڪنيڪٽ هيئر سان معاهدو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پي ٽي اي پاران جاري بيان مطابق پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ان ڳالهه …

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) انٽرنيشنل گرلز اينڊ آءِ سي ٽي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ٻڌڻ جي سگهه کان محروم عورتن ۽ ٻارڙين لاءِ پهچ ۽ ڊجيٽل شموليت کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ڪنيڪٽ هيئر سان معاهدو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پي ٽي اي پاران جاري بيان مطابق پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معذور ماڻهن لاءِ پهچ جوڳيون ٽيلي ڪام خدمتون هڪ جامع ۽ منصفاڻي معاشري جي قيام لاءِ انتهائي اهم آهن. ڪنيڪٽ هيئر جي باني ميمبر زهره ڌنجي ڊجيٽل خدمتون جوڙڻ ۽ فراهمي ۾ شموليت کي بنيادي حيثيت ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. موقعي جي مناسبت سان ٻنهي ادارن گڏيل طور تي اشارن جي ٻولي ۾ آگاهي ويڊيوز به جاري ڪيون، جن آن لائن تحفظ ۽ عورتن جي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي سم رجسٽريشن بابت رهنمائي فراهم ڪئي.